اُتم سنگهه نک

اُتم سنگهه نک (چچڙا ):هي اصل حيدرآباد جي لالواڻي ديوانن جا سئوٽ ليکبيا هئا ۽ پاڻ کي سڏائيندا ئي لالواڻي هئا، بلڪه گهر به لالواڻي گهٽيءَ ۾ هوندا هئن. نک به ساڳي لالواڻين واري اٿن. 1915ع ڌاري معلوم ٿيو ته لالواڻين جي شجري ۾ سندن آڪهه جو نالو به ڪونهي ۽ سندن پيڙهي ٻين لالواڻين سان لڳيئي نه ٿي. انهيءَ وقت کان هو پنهنجي پتا ديوان اُتم سنگهه جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائڻ لڳا.
ديوان اُتم سنگهه کي نوَ پٽ هئا، ماستر عيدن مل، ديوان وزير مل سب جج، ماستر ڪشنچند ۽ ٻيا. سندن اولاد به پاڻ کي ”اُتم سنگهه“ سڏائيندو اچي. ساڳيءَ ريت ديوان روچيرام جي آڪهه وارا پاڻ کي لالواڻي سڏائيندا هئا. انهن جي پيڙهي به لالواڻين جي وڏي ڏاڏي لالچند تائين ڇڪجي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري هو پاڻ کي ”گرڌاري ملاڻي“ سڏائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو